SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


واقعاتي مضمون


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

واقعاتي مضمون

(Eventful Essays)

واقعاتي مضمونن ۾ ڪنهن اهم واقعي، ڪهاڻي يا ڪنهن مشهور شخصيت جي سوانح عمري بيان ڪئي ويندي آهي. ان ۾ اڪثر واقعن کي تسلسل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو ويندو آهي، چاهي اهو واقعو حقيقي هجي يا غير حقيقي. انهن واقعن جون ڪڙيون هڪٻئي سان ملائي رکبيون آهن. اهڙا واقعا هميشه تفريحي، معلوماتي ۽ سبق آموز هوندا آهن. واقعاتي مضمون ۾ هيٺين قسم جا موضوع اچي وڃن ٿا. تاريخي ڪهاڻيون: مياڻيءَ جي جنگ، سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو دؤر، دودي چنيسر جو داستان، هالاڻيءَ جي جنگ، 1942ع جي ٻوڏ وارو واقعو. سوانح عمريون: شاهه عبداللطيف جي زندگي، قلندر لعل شهباز جي حياتي ۽ ٻيون سوانح عمرين بابت. واقعاتي مسافري: ريل جو سفر، جهاز جو سفر وغيره حادثا: ٻوڏ جي تباهه ڪاري، انڊسٽري ۾ لڳل باهه وغيره عام واقعا: جلوس، قلندر جو ميلو، تفريحي پارٽي، ڪاليج ۾ منهنجو پهريون ڏينهن وغيره.


Remember Me Also:

گوڊو

ذ . صفت. ڊگهين آنورن وارو ، اهو جانور جنهن جا ڪن وڏا ۽ موٽيءَ وارو چمڙو هيٺ گهڻو لڙڪيل ، وڏي آلت وارو ڏاند ، ڊگهين مٽن وارو جانور.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal